عشق اُلا اُڇلايا (ڪتاب)

عشق اُلا اُڇلايا (ڪتاب)

عشق الا اڇلايا

عشق اُلا اُڇلايا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اديب، شاعر جوش ٻرڙي جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. جنهن ۾ رڳو غزل ڏنل آهن. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر سرمد چانڊئي جو لکيل آهي. جڏهن ته ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي، سعيد ميمڻ ۽ رياضت ٻرڙي جا رايا ڏنل آهن. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل سرڪش سنڌيءَ لکيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 112 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻي مئي 2002ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو